Islam

Monday, 14 April 2014

surah al hood

هود
سُوره ھُود مڪي آھي ۽ ھيءَ ھڪ سؤ ٽيويهه آيتون ۽ ڏه رڪوع آھي

Final proof reading of this chapter has not been completed
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
1. الرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناء الله وٽان بيان ڪيل آھن.

2. ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان.

3. ۽ ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبه ڪري) موٽو ته ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي جو عوض ڏئي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

4. الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي تي وس وارو آھي.

5. خبردار بيشڪ اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن ته کانئس لِڪن، خبردار جنھن دم (اُھِي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم ۾) جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرا ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

6. ۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي.

7. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي.

8. ۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.

9. ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي.

10. ۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي.

11. پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.

12. پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي.

13. بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.

14. پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ.

15. جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو.

16. اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باہ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھوا سو باطل ٿيو.

17. (اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين.

18. ۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي.

19. جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن.

20. اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون.

21. اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.

22. بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.

23. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نويا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

24. انھن ٻن ٽولين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو.

25. ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان.

26. ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

27. پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.

28. (نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟

29. ۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو.

30. ۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

31. ۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس.

32. چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ.

33. (نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو.

34. ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.

35. بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.

36. ۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي.

37. ۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.

38. ۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا.

39. پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.

40. (انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.

41. ۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي.

42. ۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.

43. چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.

44. ۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي.

45. ۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين.

46. (الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين.

47. (نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.

48. چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.

49. اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي.

50. ۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو.

51. اي منھنجي قوم اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇونه ٿا سمجھو.

52. ۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.

53. چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون.

54. اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.

55. اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.

56. تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي.

57. پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.

58. ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.

59. ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.

60. ۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.

61. ۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.

62. چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون.

63. (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟

64. ۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.

65. پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي.

66. پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.

67. ۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.

68. ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي.

69. ۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين.

70. پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي.

71. ۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.

72. چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي.

73. چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي.

74. پوءِ جنھن مھل ابراھيمؑ کان ڀؤ لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (ته اُن وقت) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو.

75. ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو.

76. (چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي.

77. ۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي.

78. ۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي) ؟

79. چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا.

80. (لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا).

81. (ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟

82. پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون.

83. جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي.

84. ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

85. ۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو.

86. جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.

87. چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين.

88. (شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو.

89. ۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي.

90. ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري اڳيانس توبه ڪريو، تحقيق منھنجو پالڻھار مھربان (سڀڪنھن جو) سڄڻ آھي.

91. چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين.

92. (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.

93. ۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.

94. ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا.

95. ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي.

96. ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون.

97. فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو.

98. قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي.

99. ۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي.

100. (اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل.

101. ۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون.

102. ۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.

103. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا.

104. ۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون.

105. جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا.

106. پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي.

107. مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

108. ۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي.

109. تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون.

110. ۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن.

111. ۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.

112. پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

113. ۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ.

114. ۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙي جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙھ، تحقيق چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي.

115. ۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.

116. پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا.

117. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار اھڙو نه آھي جو ڳوٺن کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي.

118. ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي مذھب (تي) ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين مختلف (مذھب تي) رھندا.

119. پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ (الله) پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو ٻولُ پورو ٿيو جو جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس.

120. ۽ (اي پيغمبر) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي آئي آھي.

121. ۽ (اي پيغمبر) جيڪي نه مڃيندا آھن تن کي چؤ ته اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو، اسين (به) عمل ڪندڙ آھيون.

122. ۽ انتظار ڪريو، اسين (به) انتطار ڪندڙ آھيون.

123. ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايو ويندو آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.

surah al yunus

يونس
سُوره يُونسُ مڪي آھي ۽ ھيءَ ھڪ سؤ نو آيتون ۽ يارھن رُڪوع آھي
Final proof reading of this chapter has not been completed
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
1. الٓرٰ، ھيءُ آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.

2. ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي ڇا ته منجھائن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون ته ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو ته ھي پڌرو جادوگر آھي.

3. بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟

4. اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اھوئي پھريون (به) بڻائيندو آھي وري (به) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون.

5. اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نه بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي.

6. بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.

7. بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا.

8. اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي.

9. (۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن.

10. منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.

11. ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون.

12. ۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.

13. ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻن) جُڳن وارن جڏھن ظلم ڪيو ته (کين) ھلاڪ ڪيو اٿون ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نه ھوا جو ايمان آڻين، اھڙي طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون.

14. وري کائن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندين جاڳھن تي وھاريوسون ته اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.

15. ۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (ته) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چؤ ته پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

16. چؤ ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي نه پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا، بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (ته نه پڙھيم)، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟

17. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي ته ڏوھاري نه ڇُٽندا.

18. ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن سي نڪي کين ڏک پھچائيندا آھن ۽ نڪي کين سُک پھچائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ھي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آھن، چؤ ته اوھين الله کي اھڙيءَ شيءَ بابت چتائيندا آھيو ڇا جيڪا شيء (ھو) نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڄاڻندو آھي، اُھو پاڪ آھي ۽ جنھن شيء کي ساڻس شريڪ ڪندا آھيو تنھن کان اُھو مٿاھون آھي.

19. ۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نه ھوا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھنجو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا.

20. ۽ چوندا آھن ته سندن پالڻھار کان مٿس ڪو مُعجزو ڇونه لاٿو ويو آھي؟ چؤ ته ڳُجھ (جي خبر) الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه آھي پوءِ انتظار ڪريو، آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.

21. ۽ جڏھن ماڻھن کي اوکائي پھچڻ کانپوءِ (پنھنجي) ٻاجھ (سان سُک جو مزو) چکائيندا آھيون (ته) اُتي جو اُتي اُنھن کي اسانجي آيتن ۾ بدگمانيون ٿينديون آھن، چؤ ته الله رِٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آھي، بيشڪ جيڪي اوھين بڇڙيون رٿون ڪندا آھيو سي اسانجا ملائڪ لکندا آھن.

22. اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.

23. پوءِ جنھن مھل کين ڇڏايائين (ته) اُتي جو اُتي مُلڪ ۾ ناحق شرارت ڪندا آھن، اي ماڻھؤ اوھان جو شرارتون اوھان تي ئي آھن (ھيءُ) دُنيا جي حياتي جو فائدو (لڌو) وري اوھان جو موٽڻ اسان ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏينداسون.

24. دُنيا جي حياتي جو مثال رڳو انھي پاڻي وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ ساڻس زمين جا (اُھي) اوڀڙ رليا مليا جن مان ماڻھو ۽ ڍور کائيندا آھن، ايتري تائين جو جنھن مھل زمين پنھنجي ساوڪ ورتي ۽ سينگاري ۽ سندس رھڻ وارن ڀانيو ته پاڻ مٿس وسوارا آھن (تنھن مھل) اوچتو اُن کي رات جو يا ڏينھن جو اسانجو حُڪم پھتو پوءِ اُن کي لُڻيل (ناس) ڪري ڇڏيوسون ڄڻڪ ڪالھ ئي نه ھُئي، اھڙي طرح سمجھندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندا آھيون.

25. ۽ الله سلامتيءَ جي گھر ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.

26. جن چڱائي ڪئي تن لاءِ (اَھڙي) چڱائي ۽ بلڪ وڌيڪ آھي، ۽ سندن منھن کي نڪي ڪارنھن ۽ نڪي خواري ويڙھيندي، اھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

27. ۽ جن بڇڙائي ڪمائي تن لاءِ اُن جھڙي بڇڙائي ۽ کين خواري ڍڪيندي، اُنھن کي الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ نه آھي، ڄڻڪ سندن مُنھن کي اونداھي رات مان ذرو ڍڪايو ويو آھي، اھي دوزخي آھن، منجھس سدائين رھن وارا آھن.

28. ۽ جنھن ڏينھن انھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا ته (اوھين) اسان کي نه پوڄيندا ھيؤ.

29. پوءِ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ته اسين اوھان جي پوڄا کان ضرور بي خبر ھواسون.

30. اُن ھنڌ سڀ ڪنھن ماڻھو جيڪي اڳي موڪليو ھوندو سو (اُھو) لھندو ۽ پنھنجي سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيائون ٿي سو کائن ڀلجي ويندو.

31. چؤ ته اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي، پوءِ سُتت ئي چوندا ته الله، پوءِ چؤ ته ڇونه ڊڄندا آھيو؟

32. پوءِ اُھو ئي اوھان جو سچو پالڻھار الله آھي، پوءِ سچ کانپوءِ گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڇا آھي، پوءِ ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا وڃو ٿا؟

33. اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم انھن بدڪارن تي لازم ٿيو آھي جو اُھي ايمان نه آڻيندا.

34. چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي ڇا جو خلق کي نئي سر بڻائي وري کين (ماري) موٽائي جياري؟ چؤ ته الله نئي سر خلق کي بڻائي ٿو وري کيس موٽائي جياريندو پوءِ اوھين ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا ويندا آھيو.

35. چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي جو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، چؤ ته الله سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، پوءِ جيڪو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاري سو تابعداري ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آھي يا اُھو جيڪو (پاڻ) رستي ڏيکارڻ کانسواءِ رستو نه لھندو ھُجي؟ پوءِ اوھان کي ڇا ٿيو، ڪھڙو نبيرو ڪريو ٿا؟

36. ۽ اُنھن مان گھڻا رڳو گُمان تي ھلندا آھن، بيشڪ گُمان سچ جي پورائي ڪجھ به نه ڪندو آھي، تحقيق جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.

37. ۽ ھي قُرآن الله کان سواءِ پاڻون ٺھيل نه آھي پر کانئس اڳ جيڪي ڪتاب آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ حُڪمن کي کولي بيان ڪندڙ آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي جھانن جي پالڻھار کان آھي.

38. يا چوندا آھن ته (ﷴ ﷺ) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته جھڙيس ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنھن کي (سڏي) سگھو تنھن کي سڏيو.

39. بلڪ جنھن علم کي پھچي نه سگھيا تنھن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اڃا وٽن سندس وعدن جي سچائي نه آئي آھي، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪوڙ ڀانيو ھو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟

40. ۽ منجھائن ڪو اُن (قرآن) تي ايمان آڻيندو آھي ۽ منجھائن ڪو اُن تي ايمان نه آڻيندو آھي، تنھنجو پالڻھار فساد ڪندڙن کي چڱو ڄاڻندڙ آھي.

41. ۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ته چؤ مون لاءِ پنھنجو عمل ۽ اوھان لاءِ پنھنجو عمل آھي، جيڪي (آءٌ) ڪريان ٿو تنھن کان اوھين بيزار آھيو ۽ جيڪي (اوھين) ڪريو ٿا تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.

42. ۽ منجھائن ڪي توڏانھن (ڪن ڏيئي قرآن کي) ٻڌندا آھن، پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين ڇا جيتوڻيڪ نه سمجھندا ھجن؟

43. ۽ منجھائن ڪوئي توڏانھن نھاريندو آھي، پوءِ انڌن کي سِڌو رستو ڏيکاريندين ڇا؟ جيتوڻيڪ ڏسندا ئي نه ھُجن.

44. الله ماڻھن تي ڪُجھ ظلم نه ڪندو آھي پر ماڻھو پاڻ تي ظلم ڪندا آھن.

45. ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نه ھوا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن ڇيئو پاتو ۽ ھدايت وارا نه ھوا.

46. ۽ جيڪو انجام ساڻن ڪريون ٿا تنھن منجھان ڪجھ جي توکي ڏيکاريون ٿا يا توکي فوت ڪريون ته (ھر حال ۾) سندن موٽڻ اسان ڏانھن آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي الله شاھد آھي.

47. ۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (ته) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ انھن تي ظلم نه ڪيو ويو.

48. ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.

49. چؤ ته (آءٌ) الله جي مرضيءَ کانسواءِ پاڻ کي نڪي ڏک ۽ نڪي سُک پھچائي سگھان ٿو، سڀ ڪنھن اُمّت لاءِ ٺھرايل مُدت آھي، جڏھن سندين ٺھرايل مُدّت پُھچي ٿي ته ھڪ گھڙي دير نه ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.

50. چؤ ته مون کي خبر ڏيو ته جيڪڏھن سندس عذاب رات جو يا ڏينھن جو اوھان کي پُھچي ته (ڇا ڪري سگھندؤ) ڏوھاري ان کي ڪھڙو جلد گھُرندا آھن.

51. وري جنھن مھل (اُھو) پھچندو (ته) ان تي ايمان آڻيندؤ ڇا، (۽ چيو ويندن ته) ھاڻي (مڃيؤ) ؟ ۽ بيشڪ (اڳي) ان کي تڪڙو گھرندا ھُيؤ.

52. وري ظالمن کي چيو ويندو ته ھميشگيءَ وارو عذاب چکو، جيڪي اوھين ڪمائيندا ھيؤ تنھن کانسواءِ اوھان کي ٻيو ڪو بدلو نه ڏبو.

53. ۽ توکان خبر پڇندا آھن ته اھو (وعدو) سچ آھي؟ چؤ ته ھائو! مون کي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته ضرور سچ آھي، ۽ اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.

54. ۽ جيڪڏھن سڀڪنھن ظلم ڪندڙ جيءَ کي جيڪي زمين ۾ آھي سو ھجي ھا (اُھو) ضرور پنھنجو عوض ڏئي ڇڏي ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا ته ڳجھو لڄي ٿيندا، ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.

55. خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، خبردار الله جو انجام سچو آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

56. اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي ۽ اوھين ڏانھس موٽايا ويندؤ.

57. اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نصيحت ۽ جيڪا (بيماري) سينن ۾ آھي تنھن لاءِ شفا ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت آئي آھي.

58. چؤ ته الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجھ سان (نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين، جو گڏ ڪندا آھن تنھن کان اُھو ڀلو آھي.

59. چؤ ته ڪي ڏسو ٿا ته الله روزيءَ مان جيڪي اوھان ڏانھن لاٿو آھي پوءِ منجھانئس اوھان (پاڻ) ڪُجھ حرام ۽ ڪُجھ حلال ڪيو آھي، چؤ ته الله اوھان کي موڪل ڏني آھي ڇا؟ يا الله تي ٺاھ ٺاھيندا آھيو؟

60. ۽ جيڪي الله تي ڪوڙ ٺاھيندا آھن تن کي قيامت جي ڏينھن ڪھڙو گمان آھي (ته کين) عذاب نه ڪندو ڇا؟ بيشڪ الله ماڻھن تي ضرور وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر اُنھن مان گھڻا شڪرانو نه ڪندا آھن.

61. ۽ ڪنھن حال ۾ نه ھوندو آھين ۽ الله جي طرف کان آيل قرآن مان جيڪي نه پڙھندو آھين ۽ ڪوبه ڪم اوھين نه ٿا ڪريو جڏھن منجھس لڳا رھندا آھيو ته اسين ئي اوھان وٽ حاضر آھيون، ۽ تنھنجي پالڻھار کان ذري جيترو نڪي زمين ۾ نڪي آسمان ۾ ڳجھو رھندو آھي ۽ نڪي اُن کان ٿورو ۽ نڪي گھڻو پر (سڀ) پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آھي.

62. خبردار! الله جي پيارن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

63. جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي اٿن.

64. تن لاءِ دُنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ خوشخبري آھي، الله جي حُڪمن کي ڪا ڦير گھير ڪانھي، اھائي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

65. ۽ سندن چوڻ توکي نه ڏکوئي، بيشڪ سڀ غلبو الله جو ئي آھي، اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

66. خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي الله کانسواءِ ٻـين شريڪن جي عبادت ڪندا آھن سي (حقيقت ۾) گمان کانسواءِ ٻئي جي تابعداري نه ڪندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪلون ڪندا آھن.

67. اُھو (الله) آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي ھن ڪري بڻايو ته منجھس آرام ڪريو ۽ ڏينھن کي روشن بڻايائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.

68. ڪافر چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، اُھو بي پرواہ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو ان جو آھي، ھن (پٽ جي چوڻ) بابت اوھان وٽ ڪا سَند نه آھي، جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو ڇو الله تي چوندا آھيو.

69. چؤ جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي نه ڇٽندا.

70. دنيا ۾ ٿورو آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي پوءِ کين انھي سببان سخت عذاب چکائينداسين جو ڪُفر ڪندا آھن.

71. ۽ نُوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳوري ٿي آھي ته الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي ڪم ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھان جو ڪم اوھان کان ڳجھو رھجي نه وڃي ته پوءِ مون سان ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نه ڏيو.

72. پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (ته ڇا ٿيو) مون اوھان کان ڪو اجورو نه گھريو ھو، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي ته مُسلمانن مان ھجان.

73. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙي ۾ ساڻس ھوا تن کي بچايوسون ۽ کين انھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.

74. پوءِ اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نه ھوا جو جنھن شيء کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون.

75. وري کائن پوءِ مُوسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھُئي.

76. پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون ته بيشڪ ھي پڌرو جادو آڳي.

77. مُوسىٰ چيو جڏھن اوھان وٽ حق آيو (ته) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (ته جادو آھي) ؟ ھي جادو آھي ڇا؟ ۽ جادوگر نه ڇٽندا.

78. چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته جنھن (مذھب) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي روڪين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏائي ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نه آھيون.

79. ۽ فرعون چيو ته سڀئي ھوشيار جادوگر مون وٽ آڻيو.

80. پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) مُوسىٰ انھن کي چيو ته جيڪي اُڇلائڻو اٿو سو اوھين اڇليو.

81. پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) موسىٰ چيو ته جيڪي آندو اٿَوَ سو جادو آھي، بيشڪ الله ان کي سگھوئي باطل ڪندو، بيشڪ الله فسادين جو ڪم نه ٺاھيندو آھي.

82. ۽ الله حق کي پنھنجي حُڪم سان ثابت ڪندو آھي جيتوڻيڪ ڏوھاري بڇان ڀانئين.

83. پوءِ موسىٰ تي سندس قوم مان ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ فرعون ۽ سندس سردارن کان ڊڄڻ جي ڪري ته متان کين ايذائين (ڪنھن) ايمان نه آندو، ۽ تحقيق فرعون (اُن) مُلڪ ۾ ھٺيلو ھو، ۽ اُھو ضرور حَد کان لنگھندڙن مان ھو.

84. ۽ موسىٰ چيو ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن اوھان الله تي اِيمان آندو آھي ته جي مُسلمان آھيو ته مٿس ڀروسو ڪريو.

85. پوءِ چيائون ته الله تي ڀروسو ڪيوسون، اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالمن جي قوم جي پرک نه ڪر.

86. ۽ ڪافرن جي قوم کان پنھنجي ٻاجھ سان اسان کي بچاءِ.

87. ۽ موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏانھن وحي ڪيوسون ته اوھين پنھنجي قوم لاءِ مِصر ۾ گھر بڻايو ۽ (اُنھن) پنھنجن گھرن کي قبلي جي سامھون ڪريو ۽ نماز پڙھو، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.

88. ۽ مُوسىٰ چيو ته اي اسان جا پالڻھار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي ته اي اسان جا پالڻھار تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، اي اسان جا پالڻھار سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھَڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسن تيسين ايمان نه آڻين.

89. (الله) چيو ته بيشڪ اوھان (ٻنھي) جي دُعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي قائم رھو ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي واٽ جي تابعداري نه ڪريو.

90. ۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) لنگھايوسون پوءِ سندن پويان فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ ايتري قدر سندن پُٺيان پيا جيسين ٻُڏا (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.

91. (چيو ويو ته) ھاڻي (ٿو ايمان آڻين) ؟ ۽ بيشڪ توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.

92. پوءِ اڄ تنھنجي لاشي کي ھِن لاءِ بچائينداسون ته جيڪي توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.

93. ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي چڱي ھنڌ رھڻ جي جاءِ ڏني سون ۽ کين سُٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ (ايستائين) اختلاف نه ڪيائون جيسين وٽن علم (يعني قرآن نه) آيو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو.

94. پوءِ جيڪي توڏانھن نازل ڪيوسون تنھن کان جيڪڏھن شڪ ۾ آھين ته جيڪي توکان اڳ ڪتاب پڙھندا آھن تن کان پُڇ، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن حق آيو آھي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.

95. ۽ نڪي تون انھن مان ھج جن الله جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ته تون ڇيئي وارن مان ٿيندين.

96. بيشڪ جن تي پنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم لازم ٿي چڪو آھي سي ايمان نه آڻيندا.

97. جيتوڻيڪ وٽن سڀ دليل اچن جيستائين ته ڏکوئيندڙ عذاب ڏسن.

98. يُونُس جي قوم کانسواءِ ڪن ڳوٺن (وارن عذاب نازل ٿيڻ وقت) ڇونه ايمان آندو ته سندن ايمان کين فائدو ڏئي ھا، جنھن مھل (يونس جي قوم) ايمان آندو (ته اُن وقت) خواريءَ وارو عذاب دُنيا جي حياتيءَ ۾ کانئن لاٿوسون ۽ کين ڪُجھ وقت آسُودو ڪيوسون.

99. ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀ سمورا ضرور ايمان آڻين ھا، پوءِ تون ماڻھن کي زور ڪندين ڇا ته مؤمن ٿين؟

100. ۽ ڪنھن ماڻھوءَ کي الله جي گھُر کانسواءِ مؤمن ٿيڻ جو اختيار نه آھي، ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن تي (ڪفر جي) پليتي رکندو آھي.

101. چؤ ته نھاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪھڙيون (سندن قدرتون) آُھن؟ ۽ نه مڃيندڙ قوم کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ فائدو نه ڏيندا آھن.

102. پوءِ اُنھن جھڙين مُصيبتن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن جيڪي کانئن اڳ گذري ويون، (کين) چؤ ته انتظار ڪريو آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آھيان.

103. وري اسين پيغمبرن کي ۽ جن ايمان آندو تن کي بچائيندا آھيون اھڙي طرح اسان تي حق آھي ته مؤمنن کي بچايون.

104. چؤ ته اي ماڻھؤ جيڪڏھن منھنجي دين کان شڪ ۾ آھيو ته (ٻُڌو ته) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو تن کي نه پوڄيندس پر اُن الله کي پوڄيندس جيڪو اوھان کي ماريندو آھي، ۽ مُون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته مؤمنن مان ھجان.

105. ۽ (ھيءَ) ته پنھنجي مھاڙ کي حنيف دين لاءِ بيھڪ وٺاءِ، ۽ مُشرڪن مان نه ھُج.

106. ۽ الله کانسواءِ انھي جي عبادت نه ڪر جيڪو توکي نڪي سُک پُھچائي ۽ نڪي توکي ڏُک پھچائي، پوءِ جيڪڏھن (ائين) ڪندين ته اُنھي مھل تون ظالمن مان ٿيندين.

107. ۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پھچائي ته اُن ڌاران ڪو اُن جي لاھڻ وارو ڪونھي، ۽ جيڪڏھن تولاءِ چڱائي گھري ته سندس فضل ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي وڻيس تنھن کي فضل پُھچائيندو آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.

108. چؤ ته اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان حق آيو آھي، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو پاڻ لاءِ ھدايت ٿو لھي، ۽ جيڪو ڀُلو تنھن تي گمراھيءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.

109. ۽ جيڪي توڏانھن وحي ڪيو وڃي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر ۽ (ايستائين) صبر ڪر جيسين الله نبيرو ڪري، ۽ اُھو چڱو نبيرو ڪندڙ آھي.



surah al taubah

التوبه
سُوره توبه مدني آھي ۽ ھيءَ ھڪ سؤ اڻٽيهه آيتون ۽ سورنھن رڪوع آھي
Final proof reading of this chapter has not been completed
1. جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.

2. (اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.

3. ۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

4. پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

5. پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

6. ۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

7. الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

8. ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.

9. الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

10. ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.

11. پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا.

12. ۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.

13. اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.

14. انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).

15. ۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.

16. ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

17. پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

18. الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.

19. اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

20. جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.

21. انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.

22. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇوته الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.

23. اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.

24. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.

25. بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.

26. موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.

27. موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

28. اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

29. جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.

30. ۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.

31. ( ۽ ) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.

32. ( ۽ ) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.

33. اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.

34. اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

35. جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو ته) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن ته) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو.

36. بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

37. تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.

38. اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.

39. جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

40. جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

41. (ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.

42. جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

43. الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.

44. جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.

45. انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.

46. ۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.

47. جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

48. اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.

49. ۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.

50. (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪو سھنج پھچندو آھي ته کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو توکي اھنج پھچندو آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿؤن ۽ اُھي سرھا ٿي ڦرندا آھن.

51. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪي اسانکي ڪڏھن نه پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي.

52. (اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.

53. چؤ (اي منافقو) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو ته اوھان کان ڪڏھن قبول نه ڪبو، ڇوته اوھين بي دين ٽولي آھيو.

54. ۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نه جھليو ويو ته اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن.

55. پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي ته دنيا جي حياتي ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساہ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪرن.

56. ۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.

57. جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا ته اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا.

58. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين ته سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نه ڏجين ته انھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن.

59. ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).

60. صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

61. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

62. اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.

63. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.

64. منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.

65. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن کائن پڇين ته ضرور چوندا ته بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چؤ ته الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟

66. بھانو نه ڪريو بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون ته ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھوا.

67. منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (به) کين وساريو، بيشڪ منافق بي دين آھن.

68. الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين بس آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھيءَ لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

69. اوھين (به) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھوا (اُھي) اوھان کان سگھ ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھوا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان به پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙي طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين به) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.

70. کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.

71. ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.

72. الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

73. اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

74. الله جو قسم کڻندا آھن ته (پاڻ) نه چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نه سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ته انھن لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي.

75. ۽ منجھائن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي ته جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين ته ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون.

76. پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين ته اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا.

77. پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.

78. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.

79. اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

80. انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

81. الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).

82. پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.

83. پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.

84. ۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.

85. ۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.

86. ۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.

87. ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.

88. پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.

89. انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

90. ۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.

91. نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

92. ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،

93. ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.

94. جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ ( ۽ ) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

95. جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي.

96. اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو.

97. بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن ته الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نه ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

98. ۽ ڳوٺاڻن مان ڪي اھڙا آھن جو خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦيرگھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

99. ۽ ٻھراڙي وارن مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھائي جو ۽ پيغمبر جي دُعا حاصل ڪرڻ جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اھا انھن لاءِ ويجھائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

100. ۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندين تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

101. ۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (به) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (به)، ڪي منافقيءَ تي عادي ٿي ويا آھن، (تون) کين نه ڄاڻندو آھين، اسين انھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا.

102. ۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (انھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اميد آھي ته الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

103. سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

104. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

105. ۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

106. ۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

107. ۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

108. منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي.

109. ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

110. جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

111. الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

112. اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي.

113. پيغمبر ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ کين (ھن ڳالھ جي) پڌري ٿيڻ کانپوءِ ته اُھي دوزخي آھن بخشش گھرڻ نه جڳائي توڻيڪ مائٽيءَ وارا ھجن.

114. ۽ ابراھيم جو پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ انجام کانسواءِ نه ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو ته اُھو الله جو ويري آھي (ته ھڪدم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪئنري دل وارو بُردبار ھو.

115. ۽ الله جو ڪم نه آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ گمراہ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نه) ڪري جن کان انھن کي بچڻ گھرجي بيشڪ الله ھر شيء ڄاڻندڙ آھي.

116. بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو دوست ۽ نڪو مدد ڏيندڙ آھي.

117. پيغمبر ۽ انھن مھاجرن ۽ انصارن تي بيشڪ الله ٻاجھ سان موٽيو جن سوڙھ جي وقت ۾ پيغمبر جي تابعداري ڪئي اُن کانپوءِ جو منجھائن ھڪ ٽوليءَ جون دليون لڏي وڃڻ تي ويجھيون ھيون وري (الله) مٿن ٻاجھ سان موٽيو، ڇوته اُھو مٿن شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

118. ۽ انھن ٽن تي (به) جيڪي پوئتي رھايل، ايتري قدر جو زمين ايتري ويڪرائي ھوندي به مٿن سوڙھي ٿي وئي ھئي ۽ سندن ساہ مٿن منجھيا ھوا ۽ ڀانيائون ته (ھاڻي) الله کانسواءِ ڪا جاءِ پناھ جي نه آھي، وري مٿن ھِن لاءِ ٻاجھ سان موٽيو ته توبه ڪن، تحقيق الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

119. اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ھجو.

120. مديني وارن ۽ سندس آس پاس وارن بدوين کي نڪي الله جي پيغمبر کان (جھاد ۾) پوءِ تي رھڻ ۽ نڪي سندس وجود کان پاڻ کي پيارو رکڻ جڳائي، اھو ھن ڪري جو کين نڪي اُڃ ۽ نڪي ڏُک ۽ نڪي بُک الله جي واٽ ۾ پھچندي آھي ۽ نڪي اھڙي ھنڌ ويندا آھن جتي ڪافر ڪاوڙجن ۽ نڪي دشمن کي (ڪو) اھنج پھچائيندا آھن پر انھن لاءِ ھر ھڪ (ڳالھ) بابت چڱو عمل لکيو ويندو آھي، تحقيق الله ڀلارن جو اَجر نه وڃائيندو آھي.

121. ۽ ڪوبه خرچ ٿورو يا گھڻو نه ڪندا آھن ۽ نڪو ڪو ميدان لنگھندا آھن پر انھن لاءِ (چڱو عمل) ھن لاءِ لکيو ويندو آھي ته جيڪو تمام چڱو ڪم ڪندا آھن تنھنجو الله کين بدلو ڏئي.

122. ۽ مؤمنن کي نه جڳائيندو آھي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن، پوءِ ٽوليءَ مان ڪي ڄڻا منجھائن ھن لاءِ ڇونه نڪرندا آھن ته دين ۾ عالِم ٿين ۽ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن ته ان کي ڊيڄارين ته مانَ اُھي ڊڄن.

123. اي مؤمنو ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي ته (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

124. ۽ جڏھن ڪابه سُورة لاھبي آھي ته منجھائن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي ته ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن.

125. ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتي تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا.

126. نه ڏسندا آھن ڇا ته ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبه ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن.

127. ۽ جڏھن ڪا سورة (انھن بابت) نازل ڪبي آھي (ته) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، ( ۽ چوندا آھن ته) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي.

128. (اي ماڻھو) بيشڪ اوھان جي جنس منجھان اوھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏُک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مسلمانن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

129. پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ اُھو وڏي عرش جو مالڪ آھي.


surah al-anfal

الانفال
سوره انفال مدني آهي ۽ هي پنجهتر آيتون ۽ ڏه رڪوع آهي
Final proof reading of this chapter has not been completed
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
1. (اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو.

2. مُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.

3. اُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.

4. اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي.

5. جئن تنھنجي رب توکي تنھنجي گھر (مدينه) مان سچي تدبير لاءِ ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي.

6. اُھي سچي ڳالھه بابت ان جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (به) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ ته اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪاليا وڃن ٿا.

7. ۽ (ياد ڪريو) ته جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو ته (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي ته بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي ته پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھِنَ لاءِ وڍي.

8. ته حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻيڪ گنھگار ناراض رھن.

9. جڏھن جو پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ ته (اُھا) اوھانجي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) ته آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان.

10. الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ ته اُن سان اوھان جون دليون تسلّي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نه آھي، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.

11. (ياد ڪر) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اوجھراڪي ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھِن لاءِ وسايائين ته اُن سان اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي نئي ۽ اوھان جي دلين کي مُحڪم رکي ۽ ان سان (اوھان جي) قدمن کي مُحڪم ڪري.

12. (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو ته آءٌ اوھان سان آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنؤ) گردنين تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن جي آڱرين جا سنڌ ڀڃو.

13. اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

14. اھا (سزا اٿو) پوءِ ان کي چکو ۽ پڪ ڄاڻو ته ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي.

15. اي مؤمنؤ جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نه ڦرو.

16. ۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي کيڏاريءَ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.

17. پوءِ کين اوھان نه ڪُٺو پر الله کين ڪٺو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي پر الله اڇلي، ۽ (ھن لاءِ) ته پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

18. اِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي سُست ڪندڙ آھي.

19. (اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.

20. اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو حالانڪ اوھين (قُرآن) ٻُڌو ٿا.

21. ۽ انھن (ڪافرن ۽ منافقن) جھڙا نه ٿيو جن چيو ته ٻُڌوسون ۽ اُھي نه ٿا ٻڌن.

22. الله وٽ (سڀني) جاندارن مان تمام بڇڙا ٻوڙا ۽ گونگا آھن جي (ڪُجھ به) نه سمجھندا آھن.

23. ۽ جيڪڏھن الله منجھس ڪا چڱائي ڄاڻي ھا ته ضرور کين ٻُڌائي ھا، ۽ جيڪڏھن کين ٻُڌائي ھا ته اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦرن ھا.

24. اي مسلمانؤ الله ۽ پيغمبر جو حُڪم قبول ڪريو جڏھن (پيغمبر) اوھان کي ھن لاءِ سڏي ٿو ته اوھانکي جيئرو ڪري، ۽ ڄاڻو ته الله آدمي جي ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ھوندو آھي ۽ ڏانھس گڏ ڪبؤ.

25. ۽ اُنھيءَ فتني کان ڊڄو جو اوھان مان جن ظلم ڪيو تن کي خلاصو نه پھچندو (بلڪ عام ھوندو)، ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

26. ۽ (اي مھاجرؤ سندس احسانن کي) ياد ڪريو جڏھن زمين (مُلڪ) ۾ اوھين ٿورڙا (۽) ھيڻا ھيؤ ڊنؤ ٿي ته متان ماڻھو اوھان کي تڪڙو کڻي وٺن، پوءِ اوھان کي جاءِ ڏنائين ۽ اوھان کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏنائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

27. اي مؤمنؤ الله ۽ پيغمبر جي خيانت نه ڪريو ۽ اوھين ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي جي) امانت جي خيانت (به) نه ڪريو.

28. ۽ ڄاڻو ته اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پَرک آھن ۽ الله ئي وٽ وڏو اَجر آھي.

29. اي ايمان وارؤ جيڪڏھن الله کان ڊڄندا رھندؤ ته اوھان لاءِ (اوھان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي) نکيڙيندڙ (نُور) پيدا ڪندو ۽ اوھانجا گناھ اوھان کان ٽاريندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

30. ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل تولاءِ ڪافرن رٿ ٿي ڪئي ته توکي بند ڪن يا توکي شھيد ڪن يا توکي ڪڍي ڇڏين، ۽ (بڇڙي) رٿ ڪيائون ٿي ۽ الله (به) رٿ ڪئي ٿي، ۽ الله چڱو رٿ ڪندڙن مان آھي.

31. ۽ جڏھن اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائجن ٿيون (ته) چوندا آھن ته ٻڌوسون جيڪڏھن گھُرون ته اُنھي جھڙو (اسين به) چئون ته ھيءُ ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.

32. ۽ (ياد ڪريو) جڏھن (ڪافرن) چيو ته اي الله جيڪڏھن ھي (قرآن) تو وٽان حق آھي ته اسان تي آسمان کان پَھڻ وساءِ يا ڪو ڏکوئيندڙ عذاب اسان تي آڻ.

33. ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو منجھن تنھنجي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي به) نه جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن.

34. ۽ کين ڇا (ٿيو) آھي جو الله کين (پيغمبر جي ھجرت کانپوءِ) عذاب نه ڪري ھن ھوندي جو اُھي تعظيم واريءَ مسجد کان (ماڻھن کي) جھلن ٿا ۽ اُن جا مُتولّي نه آھن، پرھيزگارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن جو متولّي نه آھي پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

35. ۽ سندين نماز الله جي گھر وٽ سيٽين ۽ تاڙين ھڻڻ کانسواءِ (ڪُجھ) نه آھي، پوءِ انھيءَ سببان جو ڪفر ڪندا آھيو عذاب چکو.

36. (۽) ڪافر پنھنجا مال ھن لاءِ خرچين ٿا ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلين، پوءِ اھو سگھو انھن (مالن) کي خرچ ڪندا وري (اھو خرچڻ) مٿن ارمان ٿيندو وري مغلوب ڪيا ويندا، ۽ ڪافر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا.

37. ته الله پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري ۽ پليت کي ھڪ ٻئي تي رکي پوءِ ھيڪاندو ڍير ڪري پوءِ اُن کي دوزخ ۾ وجھي، اِھي ئي ڇيئي وارا آھن.

38. (اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين مُڙندؤ ته جو ڪُجھ گذريو سو کين بخشبو، ۽ جيڪڏھن ٻيھر ويڙھ ڪندا ته بيشڪ اڳين جي (اھا) عادت ٿي گذري آھي.

39. ۽ (اي مؤمنؤ) اُنھن سان (ايستائين) لڙائي ڪريو جيسين (ڪفر جو) غلبو نه رھي ۽ سموري حڪومت رڳو الله جي ٿئي (يعني قانونِ الاھي جو عمل ھلي)، پوءِ جيڪڏھن مڙي وڃن ته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.

40. ۽ جيڪڏھن مُنھن موڙيائون (۽ باز نه آيا) ته ڄاڻو ته الله اوھان جو سنڀاليندڙ آھي، (۽ اُھو) چڱو سنڀاليندڙ ۽ چڱو مددگار آھي.

41. ۽ (ھيءَ ڳالھ) ڄاڻو ته جيڪو مال (ڪافرن تي فتح لھڻ کانپوءِ) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو پنھنجي ٻانھي (ﷴ) تي فيصلي جي ڏينھن جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو ته اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.

42. (اِھو اُھو وقت ھو) جنھن مھل اوھين اورين ڀر ۽ ھو پرينءَ ڀر ھوا ۽ قافلو اوھان کان ھيٺين ڀَر (ھليو ويو)، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ انجام ڪريو ھا ته ضرور انجام ۾ برخلاف ٿيو ھا پر ھِن لاءِ ته جيڪو ڪم الله کي ڪرڻو ھو سو پورو ڪري (ته حق پڌرو ٿئي، ۽) ھن لاءِ ته جيڪو ھلاڪ (گمراہ) ٿئي سو چٽائي کانپوءِ مرته ھلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو ٿئي (يعني حق کي پروڙي) سو چٽائي کانپوءِ مرته جيئرو رھي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

43. (ياد ڪر) جنھن مھل الله تنھنجي خواب ۾ توکي اُھي (ڪافر) ٿورا ڏيکاريا، ۽ جيڪڏھن توکي اُھي گھڻا ڏيکاري ھا ته ضرور بي ھمّت ٿيو ھا ۽ ضرور (اُن) ڪم ۾ ھڪٻئي سان تڪرار ڪريو ھا پر الله (اُن تڪرار کان اوھان کي) بچايو، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

44. ۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ انھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ ته الله اھو پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا.

45. اي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

46. ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.

47. ۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نه ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان تڪبر سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيروڪندڙ آھي.

48. ۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) کي چيائين ته اڄ ماڻھن مان ڪوبه اوھان تي غالب (ٿيڻو) نه آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو واھرو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا ته (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين ته آءٌ اوھان کان بيزار آھيان تحقيق جيڪي مان ڏسان ٿو سو اوھين نٿا ڏسو تحقيق آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

49. (اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو ته ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي.

50. (اي ڏسندڙ) جيڪڏھن (اُنھي مھل) ڏسين جنھن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساہ ڪڍندا آھن (۽) سندن مُنھن ۽ پٺين کي سٽيندا ڪٽيندا آھن (ته عجب ڪرين) ۽ (چوندا اٿن ته ھاڻي) ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.

51. اِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي ۽ بيشڪ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

52. (انھن جو حال) فرعونين ۽ انھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھوا، (جو) الله جي آيتن کي نه مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، بيشڪ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي.

53. اھو ھن سببان آھي جو الله جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي (اُھو) ايستائين ڪڏھن نه مٽائيندو آھي جيسين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نه) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

54. (انھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، مڙئي ظالم ھوا.

55. جاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

56. انھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.

57. پوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.

58. ۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

59. ۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.

60. ۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.

61. ۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

62. ۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.

63. ۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

64. اي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.

65. اي پيغمبر مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا وِيھ آھن ته ٻن سَون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سَو آھن ته ھڪ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نه سمجھندي آھي.

66. ھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ھيڻائي معلوم ڪيائين، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سَو ھوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا ته ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.

67. پيغمبر کي نه جڳائيندو آھي جو وٽس قيدي ھجن (بلڪ ڪُٺا وڃن) جيستائين مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي نه ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.

68. جيڪڏھن خدا جي تقدير ۾ اڳي لکيل نه ھجي ھا ته اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا.

69. پوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت ورتو سو پاڪ حلال (ڀانيو ۽) کائو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

70. اي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

71. ۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

72. جن ايمان آندو ۽ حجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نه ڪئي اوھان تي انھن جي دوستيءَ جو ڪو حق نه آھي جيسين ھجرت ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

73. ۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن، پر (اي مسلمانؤ) جيڪڏھن اوھين (ائين) نه ڪندؤ ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.

74. ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي سچا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

75. ۽ جن (انھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھِجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي به اوھان مان آھن، ۽ مائٽيءَ وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇوته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.


Saturday, 12 April 2014

The Five Pillars of Islam


THE FIVE PILLERS OF ISLAM (UNDER PROGRESS THANKS FOR WATCHING)


Wednesday, 9 April 2014

Sindhi Translation of Holy Quran


قرآن پاڪ جو ترجمون